وزيراعظم پاران ڊيره عازي خان ۾ غازي يونيورسٽي ۾ قائم مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو

image

ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره عازي خان ۾ غازي يونيورسٽي ۾ قائم مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو، شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ اٽي جا ٿيلها پڻ به ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اويس لغاري ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم اٽي جي ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اٽي جي فراهمي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هڪ هڪ ماڻهو وٽ ويو ۽ مستحقين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي. ڊيره غازي خان ۾ مجموعي طور تي مستحق خاندانن ۾ 13 لک کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ڊيره غازي خان، راجن پور، مظفر ڳڙهه ۽ ليه جي انتظاميا کي مفت اٽي جي ورڇ جي بهترين انتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم سان مفت اٽو مرڪز ۾ گرلز گائيڊز ايسوسيئيشن جي گرلز گائيڊز پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ضلعي جي گرلز ڪاليجن جو نمائنده فورم مرڪز ۾ اٽي جي ورڇ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. وزيراعظم قوم جي ڌيئرن کي ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهڻ تي ساراهيو. وزيراعظم گرلز گائيڊز جي ذميوارين بابت معلوم ڪيو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته چئني صوبن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ڏنا ويندا ۽ جيڪي به شاگرد يا شاگردياڻيون محنت ڪندا ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں