اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪيترن ئي سياسي چئلينجن جي باوجود حڪومت سمجهي ٿي ته سياسي محاذ تي ڪو به اهڙو چئلينج ناهي جيڪو ان جي لاءِ پريشاني جو سبب هجي، نجي ٽيلي ويزن تي ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر پارٽيون ڇڙوڇڙ آهن ۽ هڪٻئي سان گڏ سياست ۽ منافق ڪري رهيون آهن.