لاهور – 21 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن ت?? زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ڇو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ملڪ بڻجي چڪو آهي ملڪ ايشيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شال ٿي چڪو آهي، تازا عالمي انگ اکر ان ڳالهه جا عڪاس آهن، پاڪستان ۽ چين خ??ي ۾ مستقل امن ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ سي پيڪ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، موجوده حڪومت ماحوليات، گلوبل وارمنگ، تعليم، خطي ۾ ام?? قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هو ايڪسپو سين??ر ۾ ٻن ڏينهن واري پنجين چائنا ايگرو ڪيميڪل پاڪستان سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.