اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا ۽ 13 متاثر مريض ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن ??ان 12 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ گهر ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 27 هزار 50 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن ??ان سنڌ ۾ 6 هزار 551، پنجاب ۾ 10 هزار 957، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 750، اسلام آباد ۾ 4 هزار 704 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 98 ، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 610 ٽ??سٽ شامل آهن. هن ??قت تائين سڄي مل?? ۾ ??ووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 646 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن ??قت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ??ووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 89 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ??ووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 855 آهي. سڄي مل?? ۾ ??ورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 26 هزار 216 آهي، جنهن ??ان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 688، بلوچستان ۾ 15 هزار 767، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 127، اسلام آباد ۾ 18 هزار 578، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 886، پنجاب ۾ هڪ لک 2 هزار 253 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 42 هزار 917 مريض آهن، سڄي مل?? ۾ ??ووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 715 آهي.