چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي ز??ان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فوج جي خلاف استعمال ڪري ٿو، پهريون ڀيرو مخالف ڌر فوج، آرمي ??يف ۽ آءِ ايس آءِ جي ??يف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتد??ر تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئي رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿين??ي. ??ونيورس??ي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو آهيان جن سان معاشرو تبديل ٿيندو آهي.