اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرور?? آهي، افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار افغانستان ??ي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار اح??د فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.