ڪراچي – 15 فيبروري (ا?? پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ، ??نه?? جي لاءِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ع??رتن کي بااختيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي ??نه?? جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ ??نه?? جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاه?? پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.