اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل ??هي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گا??زن آهي، وزيراعظم عمران خان پ??رين ڏينهن کان پ??هنجي واعدي تي قائم ??هي ته بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو ??هي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ??ن جي ڪا ضرورت نه هئي. علي محمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر ??هي جن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ??عتماد جو اظهار ڪيو ??هي ۽ اسان عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.