اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم ??ي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو جنهن جو بار عوام کي ب??داشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي ب??لي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي ب??لي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوا??ي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي ب??يفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آيو آهي اتي ب??لي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوا??ي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن س??ا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.