اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعمير??تي منصوبن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي سان هيست??ئي?? مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت ت??ئي?? 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس ??وٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس ??وٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس ??وٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس ??وٽ آهي، باقي ايراضي تي تعمير??تي منصوبن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيست??ئي?? پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.