اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحوليات جي بهتري ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي، عالمي گ??مي کان بچاءُ ۽ پنهنجو مستقبل محفوظ بڻ??ئڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳ??ئڻ جو هدف پورو ڪرڻ ۽ قومي پارڪس ۾ اضافي جي ضرورت آهي، چين ماحولياتي تبديلي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هن هڪ گرين سٽي ٺاهيو آهي، اسان ان جي مهارت مان تجربو حاصل ڪري سگهون ٿا، وڻ لڳ??ئڻ جي حوالي سان آگاهي خوش آئنده آهي. هو ملڪ ۾ گرين فنانس ۾ جدت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.