اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع منصوبو بڻايو وڃي، چين جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هي?? آندو وڃي. وزيراعظم م??ڊي?? آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گندڪچري جي انتظام جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ساليانو 30 ملين ميٽرڪ ٽن گندڪچرو ميونپسل سطح تي پيدا ??ين??و آهي، پلاسٽڪ ڪچرو سموري ڪچري جو 10 کان 14 سيڪڙو آهي ۽ سال 2050 تائين ان جو مقدار ٻيڻو ٿي ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ پيدا ??ين??ڙ 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ ڪچري مان صرف 30 سيڪڙو ري سائيڪل ??ين??و آهي، پاڪستا?? گذريل مالي سال 2.4 ارب روپين جي لاڳت جو 35651 ٽن پلاسٽڪ درآمد ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان ڏس ?? چين جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هي?? آندو وڃي.