اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر ع??رف علوي بحريه يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صد?? کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صد?? کي يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صد?? معياري اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان بحريه يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صد?? چيو ته يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.