اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته فري فائر پاڪستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا. پاڪستاني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪلچر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي. اها ڳالهه هن فري فائر پاڪستان ليگ جي فائنل مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن جي ??ڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چيو ته فري فائر پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چ??ڌر?? فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ??رورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پاڪستاني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي وڏا انعام کٽي سگهن ٿا. هن چيو ته گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيڪو جي ??عاون سان پاڪستان ۾ فري فائر قومي ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري فائر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، قومي سطح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي. چ??ڌر?? فواد حسين چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي ع??ر ۾ وڏي رقم کٽي سگهن ٿا، ملاقات ۾ قومي سطح جي فائنل مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ايشيا جي ??يجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين فري فائر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن جي ??رسين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فري فائر پاڪستان ليگ جو گرينڊ فائنل 10 آڪٽوبر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري فائر اي اسپورٽس پاڪستان جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ??يو ويندو.