دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري ??وق??ا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان ??وق??ي تي صدر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي م??يار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ جي م??اشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني م??رڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شي?? احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي م??سٽر ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.