اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيي?? حضرت محمد صلي الله علي?? وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شيخ رشيد احمد جشن عي?? ميلاد النبي صلي الله علي?? وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزما?? حضرت محمد صلي الله علي?? وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله علي?? وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.