اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چ??لينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شام جي تعليم ??اري وزير ڊاڪٽر دا??يم تبع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ??يو ته پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري تعليم ??راهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن ??يو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم ??راهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چ??لينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان شامي شاگردن کي پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر دا??يم تبع شامي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.