??سل??م آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي داخلا جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وز??راعظم آفيس موجب وز??راعظم ڊيليوري يونٽ پاران ماهوار انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جو تعداد 37 لک کان ٽپي ويو آهي، پنجاب مان 22 لک، خيبرپختونخوا مان 6 لک ۽ سنڌ مان 5 لک شهرين کي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. بل??چستان مان 51 هزار جڏهن ته وفاق مان 77 هزار شه??ي رجسٽرڊ ٿيا، وز??راعظم آفيس موجب شهرين پاران پاڪستان سٽيزن پورٽل تي 4.4 ملين شڪايتون درج ڪيون ويون آهن، پاڪستان مان 42 لک ۽ اوورسيز پاڪستانين پاران 2 لک 15 هزار شڪايتون مليون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هن وقت تائين 40 لک شڪايتون اڪلايون ويون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ڪارڪردگي تي 46 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي