اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽ??ني?? فراهم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي ??ءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خي??لن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽ??ني?? جي فراهمي تي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽ??ني?? تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽ??ني?? جي فراهمي حڪومت جي ??هم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي ??ءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ??يس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ??يس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.