اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي ا??تصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪار?? جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪار?? جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي ط??ر تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل ط??ر تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعت?? جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي جلد فعال بڻايو ويندو، اجلاس کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعت?? جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمي?? جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي ا??تصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪار?? جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.