وزير??عظ?? عمران خ??ن سان چين جي وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ل??ڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزير??عظ?? عمران خ??ن چين ۽ پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل ل??ڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزير??عظ?? عمران خ??ن چيني وزير??عظ?? کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزير??عظ?? ڪورونا وبا دوران پاڪستان جي مدد ۽ تعاون ۽ ويڪسين جي وقت سر فراهمي تي چين جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? عمران خ??ن سي پيڪ جي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معا??ي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزير??عظ?? چيني وزير??عظ?? کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ، منصوبن ۽ ادارن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? عمران خ??ن علائقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چين ۽ پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ل??ڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.