اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف فر?? جرم روڪڻ جي لاءِ نيون ??رخواستون ??اخل ڪيون ??ه??، جيڪڏهن ٽڪي ??ي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪيس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ا?? شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف فر?? جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شهباز ۽ حمزه پاران فر?? جرم کي روڪڻ جي لاءِ مختلف درخواستون ??اخل ڪيون ويون ??ه??، جن جو مقصد اهو آهي ته اصل ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته انهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فر?? جرم لڳڻ ڏيو، فر?? جرم جو جواب ڏيو ته رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شهباز شريف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شهباز شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن جي نالي تي 14 بي نامي اڪائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته ا?? شهباز شريف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته روزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خان جي خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي لاءِ ڪيس ڪيو ته عمران خان ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خان اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خان ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.