اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مسلمان امت کي ??رپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، او آءِ سي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي فلسطين ۽ ڪشمير ۽ ميانمر جي مسلمانن کي ??رپيش مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتطامن ۽ انعقاد تي ذاتي دلچسپي ورتي. هن چيو ته اجلاس ۾ اسان 800 نمائند?? جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ خاص طور تي سيڪريٽري جنرل جي معاونت تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته چيني پرڏيهي وزير اسا?? جي خصوصي دعوت تي آيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته چين مسلمان دنيا سان رابط?? جي فروغ جو خواهشمند آهي. چين مسلمان ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستا?? جي آرمڊ فورسز هن اجلاس جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آئون انهن جا به ٿورا ادا ڪرڻ ضرور سمجهان ٿو. هن چيو ته مسلمان ملڪ?? جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ام?? جي فروغ لاءِ پاڪستان جلد هڪ پيپر شيئر ڪندو. ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت کي ??رپيش چئلينجز تي خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي تي کلي ڳالهه ڪئي ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ مسلمان امت کي ??مام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته مون کي ??طور چيئرمين اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن ڊسمبر ۾ اسان گڏ ٿياسين ته اسان جو افغانستا?? جي حوالي سان موقف واضح هو ۽ اسان کي ڪاميابي ملي جڏهن ته هن اجلاس ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي ??جاگر ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ اسان ڪيترائي فيصلا ڪيا، اسان قراردادن کان وڌي ايڪشن پلان جوڙيو. مون کي ??ميد آهي ته نيويارڪ، جنيوا ۽ جده ۾ اسان جا نمائندا ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کي ??جاگر ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اجلاس منعقد ڪندا رهندا. پرڏيهي وزير چيو ته فلسطي?? جي مسئلي تي پاڪستا?? جي پوزيشن واضح آهي. اسان گذريل سال رمضان المبارڪ دوران مسجد اقصيٰ جي المناڪ واقعي کانپوءِ ٻين پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد پڌرنامو اڄ جي اجلاس جو مرڪزي حاصل آهي. ڪشمير تي ڀرپور قرارداد سامهون آئي. ڪشمير مسئلي تي گڏيل پڌرنامو ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس کانپوءِ سامهون آيو. هن چيو ته افغانستا?? جي لاءِ قائم فنڊ جي چارٽر تي صحيحون ٿيون. ان اجلاس جي حاصل ۾ خصوصي نمائندي جي مقرري، رحمت للعالمين ٽرسٽ جو قيام ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قرارداد ذڪر جوڳي آهي. 9 مارچ تي ڀارت پاران فضائي حد?? جي خلاف ورزي کانپوءِ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي ??ط جي ذريعي پنهنجي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جو مطالبو ڪيو. مون انهن کي ٻڌايو ته حادثاتي ميزائل فائر حادثاتي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان مسلمان امت ۾ تڪرار?? جي حل لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ وزارتي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته مسلمان امت کي ??رپيش چئلينجز جي حوالي سان 140 قراردادون سامهون آيون جڏهن ته 20 قراردادون پاڪستان پاران يا پاڪستا?? جي حصيداري سان پيش ڪيون ويون. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ يوڪري?? جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انساني جاني?? جي زيا?? جي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قوم?? جي چارٽر، عالمي قانون?? جي روشني ۾ ام?? جي ڪوششن ۾ حصيداري جي لاءِ راضي آهي. او آءِ سي نمائندن يوڪرين جنگ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس ۾ يوڪري?? جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ريليف ڪوريڊور جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته يو اين قرارداد?? جي باوجود ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه قرارداد خوش آئنده آهي جڏهن ته اسلام فوبيا جي حوالي سان خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ پاڪستا?? جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. جڏهن ته او آءِ سي گڏيل قومن سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستا?? جي لاءِ خصوصي نمائندي جي مقرري ۽ افغانستا?? جي لاءِ هيومنٽرين ٽر??ٽ فنڊ اسا?? جي ڪاميابي آهي. ان سلسلي ۾ نائجيريا کان فنڊ جي لاءِ اٽڪل هڪ ملين ڊالر ملي چڪا آهن. سيڪريٽري جنرل ٻين ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي به ان ۾ پنهنجو حصو وجهن. حسين طحه چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ايجنڊا ۾ فلسطين سرفهرست هو. اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان تفصيلي بحث ٿيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت کي ورجايون ٿا. هن چيو ته اڪثر ميمبر ملڪن کي هن وقت دهشتگردي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ ڀرپور تعاو?? جي ضرورت آهي.