اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آه??، ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي ع??ران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيص??و ڪيو آه??، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آه??، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته جڏهن ??وم?? سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. ??وم?? سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد ??وم?? اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آه?? جو رڳو شهباز شريف کي ??وم?? سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته ??وم?? سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپوزيشن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اجلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپوزيشن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي ع??ران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيص??و ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آه??.