لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي ن??از ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چي?? ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چي?? ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن ??مو??ن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چي?? ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چي?? ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف ??مو??ن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي ن??از ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي ن??از کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي ن??از کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.