اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آ??ي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏ??و ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهباز شريف انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آ??ي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ڪيو، وفاقي و??ير چيو ته شهباز شريف توهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شريف ۽ شهباز شريف، حڪومت ۾ به نواز شريف ۽ شهباز شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز شريف عمران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آ??ي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ ??عا??ي تباهي جي باهه شهباز شريف وسائي رهيو آ??ي، چار سالن ۾ ??عا??ي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45