اس??ام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوالٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪالي جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزيراعظم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ۾ مائننگ سي??ٽر جي ترقي جي لاءِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لاءِ ناڻي واري و??ار??، توانائي واري و??ار??، پيٽروليم واري و??ار??، صنعت ۽ پيداوار واري و??ار??، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم سمورين وفاقي و??ار??ن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مائننگ سي??ٽر سميت سمورن شعبن جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن جي ڳولا لاءِ پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊا??ٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊا??ٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.