ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت ج?? غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪن??و آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪن??ي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ??لم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪن??ي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ??لم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.