اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “فارن ايجنٽ” جي ” فارن ايڊڊ” پارٽي جو هيلي ڪاپٽر م??ڪ ۾ فتنو، فساد ۽ انتشار پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ??يندو آهي ته جئين پاڪستان جي معيشت جيڪا ان تباھ ڪئي، ٺيڪ نه ٿئي، جيڪا مهنگائي هُن ڪئي اها به گهٽ نه ٿئي ۽ نوجوانن جو روزگار جيڪو هُن کسيو اهو انهن کي نه ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ” فارن ايجنٽ” جي ” فارن ايڊڊ” پارٽي جي هيلي ڪاپٽر جي استعمال جا ڪجهه منظر شيئر ڪيا. پنهنجي پ??ئيٽ ۾ هُن چيو ته ان فارن ايجنٽ جو فارن فنڊڊ هيلي ڪاپٽر ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي ڏک لاءِ استعمال ??ٿو ٿي سگهي، خيبر پختونخواہ، بلوچستان، سنڌ نٿو وڃي ??گهي ڇاڪاڻ جو جٿي ماڻهو فوت ٿي وڃن اتي بشره بي بي وڃڻ ناهي ڏيندي ۽ نه وري فارن فنڊ ۽ ايجنڊا اجازت ڏيندي آهي.