اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪ??ار?? حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت نه رڳو پنهنجون ذميواريون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي پنهنجي قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والا??يل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ??هش??گردي ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيستائين والا??يل ڪشمير ۾ 660 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. والا??يل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز، حراستي فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گڏيل سزائن ۽ پوري ڪشميري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والا??يل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غيرڪشميرين کي رهائڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشميري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڀارت انهن ڪاررواين جي باوجود ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.