دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم برساتن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، انهن جي م??د اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ بحالي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن اد??رن ۽ تنظيمن کي م??اثرين جي م??د جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.