اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ??ان پنهنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏي??دي چيو آهي ته اسان پنهنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سطح تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ??الر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ??ا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينا?? جو اظهار ڪ??دي گڏي?? دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.