اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي ??حا??ي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي واري وزارت جي مشاورت سان آبادگار پئڪيج تيار ڪيو ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي م??ت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي م??دار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي پروگرام جي شروعات، بجلي جي بلن ۾ قسطون به پئڪيج جو حصو آهن.