اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ماحول کي نقصان پهچائي??دڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اهم معاهدا ۽ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ جو قيام سڄي دنيا جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪلائميٽ بئنڪ قائم ڪيو وڃي ته جيئن اسر??دڙ ملڪن کي مناسب شرح تي قرض فراهم ٿي سگهن، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي ??ئم??ني تي تباهي ٿي، موسمياتي تبديلين سان رڳو اسر??دڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته ملڪ به متاث?? ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرملڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اهم معاهدا ڪنهن هڪ ملڪ نه سڄي دنيا جي فتح آهي، معاهدو انهن ماڻهن جي فتح آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي تباهي ک??ن متاث?? ٿيا آهن، مالي تعاون جي حوالي سان ڏسڻو آهي ته عالمي مالياتي نظام جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ متاث?? ٿي??دڙ ملڪن کي ??ن مان ڪهڙي طرح فائدو پهچندو. پرڏيهي وزير چيو ته مالي تعاون جو معاملو ڪوپ جي اي??دڙ اجلاس تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ميزباني گڏيل عرب امارات ڪندو. هن چيو ته جي 77 پلس چين جي ميمبرن مان ڪيترن ئي ملڪن ماضي ۾ ٿي??دڙ واعدن کي مڪمل نه ڪرڻ تي پريشان آهن، اهو ئي سبب آهي جو معاهدن جي تحرير ان حوالي سان اهم آهي جيڪي ملڪن کي پنهنجي واعدن جي پاسداري جو پابند بڻائيندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي سان رڳو اسر??دڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته دنيا به متاث?? ٿيندي. جي 77 پلس چين جي موجوده چيئرمين طور پاڪستان چاهي ٿو ته معاهدن جي نقطن تي عملدرآمد ٿئي. پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سان ٿي??دڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ مالي مدد جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. مقرر وقت ۾ ان سان واڳيل هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي 77 ۽ يو اي اي جي پنهنجي حصيداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هڪ ٻئي تي آڱر کڻڻ بدران گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل جدوجهد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان پهريون ڀيرو تباهي ناهي ٿي، ان کان اڳ به گرميءَ جي سخت لهر ۽ ٻوڏ اچي چڪيون آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ته هڪ ڪلائميٽ بئنڪ به هجڻ گهرجي، جتي متاثر ملڪ وڃي سگهن ۽ ان ڪلائميٽ بئنڪ م??ن مناسب شرح تي قرض وٺي سگهجن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ ماحول کي نقصان پهچائي??دڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.