اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورت?? جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمه??ري قدر?? جي پاڪستا?? جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورت?? جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوششن بشمول م??اش??ي جي سمورن طبق?? جي لاءِ تعليم تائين برابر په?? جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي د??ري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطر??ن لاڳاپن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.