اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرا??شا??ه ۾ خودڪش ڌماڪي ??ي مذمت ڪندي حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار ڪيو آهي. پ??هن??ي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشت گردي جي بزدلاڻيون ڪاروائيون اسان جا حوصلا ختم نه ٿيون ڪري سگهن، دهشت، وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، سڄي قوم پ??هن??ي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.