اسلام ??باد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام ??هي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افس??سن??ڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي انتقام ??ي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام ??ي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام ??و ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افس??سن??ڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام ??ان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.