اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي ا??لاس جي موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم ليوهي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجه?? رابطو برقرار رکڻ تي ا??فاق ڪيو.