اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم ??واز شريف اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي گوجرانوالا رواني ٿيندي، جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوينشن غلام حسين پارڪ جي ٽي روڊ گوجرانوالا ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم ??واز شريف جي صدارت ۾ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن گوجرانوالا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم ??واز شريف سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم ??واز شريف پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ به??ول??ور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، ر??ول??نڊي، سر??وڌ?? ۽ به??ول??ور ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.