اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن خاص طور تي ت??ليم ۾ انهن جي لاءِ هڪ جامع موقف اختيار ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سواءِ ڪجهه ذهني مرضن جي مختلف حوالن سان قابل معذور ٻارن کي ريگيولر اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ کانسواءِ انهن کي انهن جي صلاحيت ۽ مهارت موجب نوڪريون فراهم ??رڻ گهرجن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ 5 هين ”دماغي فالج ڪا??فر??س“ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جسماني ۽ ذهني طور تي معذور ٻارن کي معاشري پاران سارسنڀال ۽ همدرديءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ انهن کي ٻين ٻارن وانگر قبول ??رڻ جي لاءِ پڻ تيار رهڻ گهرجي. صدر چيو ته ڪنهن جسماني معذوري يا ڏسڻ يا ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي ذهني صلاحيت ٻين ماڻهن جي برابر هوندي آهي ۽ ان لاءِ انهن کي بهتر طريقي سان ڪم ??رڻ ۾ مدد جي لاءِ معاشري جي ت??اون جي ضرورت آهي. صدر جسماني ۽ ذهني ڪمزورين جو شڪار م??ڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ??رڻ جي لاءِ معاشري ۾ شعور بيدار ??رڻ تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته دماغي مرض سان واڳيل شين کان پرهيز ??رڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته خاتون اول ثمينه علوي آگاهي مهم جي ذريعي عوامي جاين تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي سميت انهن جي ڀلائي جي اهميت ک?? اجاگر ??رڻ ۾ پنهنجي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ته علاج جي لاءِ ڊاڪٽرن جي ت??بيت تمام ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان سٺي پيشيواراڻي ت??بيت سان صحت جي ماهرن کي مختلف معذورين جي شڪار م??ڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ??رڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ياد ڏياريو ته ملڪ جي ڏسڻ کان محروم سفارتڪار صائمه سليم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موثر نمائندگي ۽ بريل جي ذريعي تقرير ڪئي. هن غذائي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ ويم دوران موت جي شرح کي گهٽ ??رڻ جي لاءِ احتياطي علاج تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي ۽ مڊ وائيف جو ڪردار اهم آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪا??فر??س دماغي فالج بابت شعور اجاگر ??رڻ ۾ مدد ڏيندي. ان موقعي تي پاڪستان اڪيڊمي آف سيريبرل پالسي جي صدر پروفيسر جاويد اقبال چيو ته دماغي فالج هڪ هزار م??ن ٻن ٻارن کي متاثر ڪري ٿو ۽ ڪيترن ئي جسماني، ذهني ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته اڪيڊمي جو مقصد دماغي فالج جي شڪار ٻارن کي خدمتن ۽ نگهداشت فراهم ??رڻ ۾ مواصلات ۽ ٽيم ورڪ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بين الضابطه فورم بڻائڻ آهي. پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر م??مد نعيم ملڪ چيو ته پمز پنهنجي وجود ۾ اچڻ سان ئي ماڻهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ ساليانو اٽڪل 10 لک ماڻهو اسپتال ۾ علاج ڪرائين ٿا. ان موقعي تي دماغي فالج جي شڪار ٻارن ان مرض ۾ مبتلا هڪ ٻار جي ڳايل گيت تي ٽيبلو پيش ڪيو. صدر ڪا??فر??س ۾ شرڪت ڪندڙ غيرملڪي نمائندن ۾ تعريفي شيلڊز ورهايون. ڪا??فر??س ۾ روس، برازيل، هالينڊ، سريلنڪا، مصر ۽ گڏيل عرب امارات جي نمائندن شرڪت ڪئي.