اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي ٽ??ڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽ??ڪس محتسب سال 2022ع ??ي رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022ع ??ي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022ع ??وران 7000 شڪايتون مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون مليون، سال 2022ع ??وران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽ??ڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽ??ڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرائي. ايف ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽ??ڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽ??ڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊ??ڪس پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022ع ??وران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽ??ڪس محتسب پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽ??ڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.