اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??نڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي م??صوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي لاءِ و??اق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??نڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??نڌ سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي لاءِ و??اق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. ??نڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي م??صوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي م??صوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جو?? نيون راهون کلنديون.