اسلام ??با?? – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزي?? مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪ??ري دوري تي اسلام ??با?? ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا ??ائ??س ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئ?? ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱ??ري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ ??ائ??س ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفد ۾ ايٿوپيا جي ??ائ??س ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروب??ري برادري جا ميمبر شامل آهن.