اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ??يڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پرڏي??ي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪيو. سدا??ين ڪوشش رهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. پرڏي??ي وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي من??ن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي من??ن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدا??ين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه ??يڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پرڏي??ي وزير چيو ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.