اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مس??م ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪستان مس??م ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ سينيئر نائب صدر مريم ??واز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت پاران بلوچستان جي مس??م ليگ?? ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. وزيراع??م چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچستان جو ٻيو دورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچستان جي عوام کي ترجيحي بنيادن تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن چيو ته باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙي ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهيان. ٻوڏ دوران مس??م ليگ (ن) بلوچستان ج?? ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري مرڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.