اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيصل آباد جي سينيئر پا??ٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، هو وڏي خوبين وارو اڳواڻ هو. هن چيو ته مرحوم شهادت علي خان بلوچ جي پا??ٽي جي لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته سوڳ??ار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي، الله تعاليٰ شهادت علي بلوچ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي.