اسلام آباد – 08 – جون (ا?? پي پي) وفاقي حڪومت نئين ما??ي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ما??يت جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ڪندي، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين ما??ي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فر??هم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين ما??ي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ما??ياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين ما??ياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خو??حالي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين ما??ي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فر??هم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جاري ما??ي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران ما??ي سال 24 – 2023ع جي لاءِ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين ما??ي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بجيٽ جي لاءِ سموريون تياريون جاري آهن.