سانگهڙ – 13 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان بائپر جوئي جي حوالي سان جاري ڪيل هاءِ الرٽ جي سلسلي ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت ه??ٺ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنر سان زوم ٽيڪنالاجي ذريعي اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چ??و ته اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ۽ نيڪال وارن نالن جي صفائي ۽ بل بورڊز ۽ دڪاندارن کي سندس ڇپرا هٽائڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو آهي ۽ حيسڪو آفيسر کي گه??جي ته هو ڪ??هن به هنگامي صورتحال ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪ?? . ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ وڌيڪ چ??و ته ڪنٽرول روم کي فعال ڪيو ويو آهي جيڪو 14، 15، 16 جون 2023 تائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. ضلعي ۾ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ 0235920117 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پبلڪ هيلٿ، صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ آبپاشي کاتي جون ٽيمون ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪ??و ته ڪو به آفيسر ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي.