پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديا??ين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد ??حم??ن علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. ??حم??ن علي پنهنجي تقرير ۾ وزيرا??ظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خر??ن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خر??د ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيرا??ظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، ??حم??ن علي جي انهن جملن تي وزيرا??ظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيرا??ظم پنهنجي سيٽ تان اٿي ??حم??ن علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ ??حم??ن علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.