اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حا??ين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حا??ين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراه??ي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگ??ان?? ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حا??ين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حو??لي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي حج جي حو??لي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳ??رائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حا??ين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حا??ين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراه??ي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگ??ان?? ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حا??ين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.